اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سا?? پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير علي عليزاده ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پائيدار ??فارتي لاڳاپا هموار ??هن، پاڪستان آذربائيجان سا?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو ثقافتي، ??ذه??ي ۽ جاگرافيائي هڪجهڙائي آهي پر علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جا موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي ۾ قائم پاڪ آذربائيجان پارلياماني دوست گروپ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي لاءِ مناسب فورم ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪشمير جي مسئلي جو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل خطي ۾ پائيدار ??من جي قيام لاءِ اڻٽر آهي.