اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صحافين جي اجتماعي ۽ انفرادي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکندي، اميد آهي ته صحافين جي نئين چ??نڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي ۽ حڪومت ۽ صحافين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پري?? ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير نيشنل پري?? ڪلب جي نئين چ??نڊيل قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نيشنل پري?? ڪلب ۾ صحافين جي نمائنده تنظيم جي چونڊ جو معيار اعليٰ آهي، اميد آهي ته نئين چ??نڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي.