اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي و??يع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام شعبي بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي و??يع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام سيڪٽر جي حوالي سان لاڳاپيل اشوز جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. شاگردن تائين انٽرنيٽ جي آسا?? پهچ ۽ سستي پئڪيج جي فراهمي جي حوالي سان پڻ قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) جي مختلف منص??بن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم تعليم جي فروغ جي حوالي سان ٽيلي اسڪولنگ ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي تعليم جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته نوجوانن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي.