اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسڪائوٽ معاشري ۾ هيٺئين سطح تي شهري ذميوارين جو احساس پيدا ڪري تبديلي جا محر?? بڻجي سگهن ٿا، ڪيترين ئي قومن قوت، علم، ڏاهپ ۽ بلند ڪردار سان پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي، اڄ اسان کي انهن ئي اصولن تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 16ه??ن چيف اسڪائوٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻائڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي.