اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ??حريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ??ي ڪورونا ويڪسين بابت غلط بياني افسوسناڪ آهي، عوام کي گمراهه ڪرڻ مولانا فضل الرحمان کي سونهين نه ٿو، سياسي اڳواڻ اختلافن کي هڪ پاسي رکندي ماڻهن جي رهنمائي ڪن، ڪورونا هڪ حقيقت آهي جنهن کان ??چڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، اهو چوڻ ته وزيراعظم کي ڪورونا ويڪسين کانپوءِ ڪورونا ٿيو صحيح نه آهي، اسان ??ڀ وزيراعظم ۽ خاتون اول جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون، ڪورونا ڪنهن ۾ به فرق نه ٿو ڪري نه ئ?? ڪا رعايت، گذريل 8 مهينن ۾ ڪورونا متاثرين جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملڪي معاش?? ڪارڪردگي بهتر رهي، چاهيون ٿا ته ڪورونا جي موجوده ل??ر ۾ ماڻهن جو روزگار ۽ زندگيون محفوظ هجن، ڪورونا جي موجوده ل??ر ۾ ويڪسين جي دستيابي خوش آئنده آهي، ڪورونا جي خا??مي لاءِ نظم ۽ ضبط سان ??ڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، پي ڊي ايم ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر جي تحريڪ ان لاءِ ناڪام ٿي ڇو ته ان ۾ عوام جي لاءِ ڪجهه نه هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.