اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ ف??تگ??ون رڪارڊ ڪيون ويون ان کانپوءِ وڌيڪ ف??تگ??ون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 50 ف??تگ??ون ٿيون جنهن مان 27 وينٽيليٽرز تي موجود مر??ضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 482 مر??ضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 50 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 45 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 5 مر??ض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مر??ضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 45 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مر??ض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن واري بسترن تي اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 54 سيڪڙو مر??ض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 509 ٽيسٽ ڪ??ا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 699، پنجاب ۾ 15 هزار 562، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 798، اسلام آباد ۾ 5 هزار 167، بلوچستان ۾ 599، گل??ت بلتستان ۾ 413، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 50 هزار 515 ٿي چڪو آهي. گل??لت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مر??ض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي.