اسلام آب??د – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان عزم کي ورجايو آهي ته ??ڪ طرف عوام کي ڪرونا وائرس وبا کان بچائڻ ۽ ٻئي طرف عوام کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان به محفوظ رکڻو ??هي?? وفاقي ڪا??ينا قومي رابطا ڪميٽي جي فوڊ سپلاءِ جي لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ جي فيصلي تي سنڌ حڪومت پاران عملدرآمد نه ڪرڻ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن تي ان جي روح موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس متاثر ماڻهن جي تذليل ۽ بدسلوڪي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته ڪرونا وائرس جي مريضن سان بهتر سلوڪ ڪيو وڃي، وفاقي ڪا??ينا 1200 ارب جي معاشي رليف پئڪيج ۽ 700 بلين جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ن??ريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ??زيراعظم عمران خان ڪرونا جي موجوده صورتحال جي حوالي سان ڪا??ينا کي اعتماد ۾ ورتو ۽ ڪرونا وائرس کان بچڻ ۽ ان جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.