سيالڪوٽ – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي قائداڻي صلاحيتن سان سندس بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي ره?? آهي، اسان دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پناهه ڏئي مديني جي رياست جي عڪاسي ڪئ?? آهي، اسان کي پناهه جي بدلي ۾ 70 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪرڻا پيا، ڪالهه وارو ٿيندڙ افغان امن مع??هدو پوري قوم جي لاءِ خوشخبر?? آهي، دنيا پا??ستان جي قربانين کي تسليم ڪيو آهي ان مع??هدي سان افغانستان سان گڏوگڏ پوري خطي ۾ امن ٿيندو. هن سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو هن قوم ۽ ملڪ سان احساس جو رشتو آهي. وزيراعظم عوام جي تڪليف جي ازالي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئ?? آهي ۽ اميد آهي ته ان گهٽتائي جي ڪري ٻين مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي.