اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آه??گي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان مصر جي مفتي اعظم ڊاڪٽر نظير محمد عياد جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي ۽ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي، بين المذاهب هم آه??گي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، م??هبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آه??گ واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، امن جي قيام ۽ بين المذاهب هم آه??گي کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان ۽ مصر تاريخي، م??هبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آه?? جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آه??. هن زور ڀريو ته مسلم ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهبي هم آه??گي، رواداري ۽ وحدت کي هٿي ڏني وڃ??. وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ مذهبن ۽ تهذيبن وچ ۾ ڳالهين جي سخت ضرورت آه??. پاڪستان ۽ مصر کي بين المذاهب ۽ بين الثقافتي ڳالهين ذريعي دنيا ۾ مذهبي هم آه??گي، امن ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر سان اقتصادي، واپاري، ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مصر جي مفتي اعظم چيو ته مسلمان امت کي دهشتگردي جا خطرا درپيش آه?? جنهن جي ازالي لاءِ گڏيل لائحه عمل تيار ڪرڻ جي ضرورت آه??، م??ري مفتي اعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي عالمن کي مصر موڪلي ته جيئن اهي دنيا جي قديم ترين درس گاهه جامعه الازهر جي تجربن ۽ تعليم مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته موجوده دور جي علم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامعه الازهر جو پاڪستان ۾ ڪ??مپس کولڻ جو فيصلو ڪيو آه??، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جامعه الازهر جي پاڪستان ۾ ڪ??مپس کولڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي، ملاقات ۾ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم آه??گي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.