اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني رکندڙ معاشرا وڌندا ويجهندا آهن، جيڪو به انساني معاشرو نبي ﷺ جي سيرت ۽ ڪردار جي پيروي ڪندو اهو عروج ماڻيندو جڏهن ته عالمي اسلامي دانشورن چيو آهي ته اسلامي معاشري جي سڌاري جي لاءِ اسان کي اسوه حسنه ﷺ جي پيروي ڪرڻي پوندي، ڪردار سازي، عدل، انصاف ۽ اخلاق اسان جي تعليم جو اهم جز هجڻ گهرجن، سيرت النبي ﷺ اسان جي تعليمي نظام جو ضابطه اخلاق هجڻ گهرجي، رياست هڪ طاقت آهي ۽ انهي طاقت جي تابع سنت زندهه رهي ٿي، مديني جو معاشرو علم جي بنياد تي جوڙيل روشن خيال معاشرو هو. وزيراعظم عمران خان قومي رحمت للعالمين اٿارٽي جي اهتمام هيٺ مديني جي رياست، اسلام، معاشري ۽ اخلاقي بيداري جي موضوع تي آن لائين مڪالمي جي ميزباني ڪئي، سيمينار کي جارج واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا جي اسلامڪ اسٽڊيز جي پروفيسر ڊاڪٽر سيد حسن نصر، زيتونا ڪاليج آمريڪا جي صدر ڊاڪٽر حمزه يوسف، ڪيمبرج مسلم ڪاليج برطانيا جي ڊين ڊاڪٽر عبدالحڪيم، ملائيشيا سان تعلق رکندڙ مفڪر ڊاڪٽر چندرا مظفر، ڊاڪٽر عثمان باقر، ابن خلدون يونيورسٽي ترڪيءَ جي ريڪٽر ڊاڪٽر رجب شنتڪ، گڏيل عرب امارات جي فتوا ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله بايا پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان سيمينار جي شروعات ڪندي سمورن شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته هن سيمينار ۾ شريڪ اسلامي اسڪالرز کان رڳو هڪ بنيادي سوال پڇان ٿو جيڪو مسلمان دنيا جي نوجوانن جي لاءِ اهميت رکي ٿو، اهو سوال اهو آهي ته اسان جي پيغمبر حضرت محمد ﷺ مديني اچڻ کان پنهنجي وصال تائين جي 10 سالن ۾ اهڙو ڇا ڪيو جنهن انهن ماڻهن کي يڪدم بدلائي ڇڏيو، جن ماڻهن جي دنيا ۾ ڪا اهميت ئي نه هئي اهي ئي ماڻهو دنيا جا رهبر بڻجي ويا، جارج واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا جي اسلامڪ اسٽڊيز جي پروفيسر ڊاڪٽر سيد حسن نصر ان جو جواب ڏيندي چيو ته ان سوال جي چونڊ تي کيس خوشي ٿي، ڇو ته گذريل صدي دوران اسلامي دنيا ۾ ڪجهه اهڙن رجحانن جنم ورتو جن پيغمبر ﷺ ۽ بذات خود اسلام جي اهميت گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان ڏٺو ته ان جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪيترائي طريقا اختيار ڪيا ويا، ڪيتريون ئي تحريڪون هليون، ان جي لاءِ ڌيان ڏيڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته چيو وڃي ٿو ته الله ان سان محبت ڪندو آهي جيڪو الله سان محبت ڪري ۽ الله ان سان محبت نه ٿو ڪري جيڪو پنهنجي نبي ﷺ سان محبت نه ٿو ڪري، پس عشق رسول ﷺ جيڪو ان جي تعظيم جو بنياد آهي ۽ ان جو اسوه دين اسلام جو بنياد آهي. هن چيو ته قرآن مجيد نبي ﷺ بابت واضح طور تي بيان ڪري ٿو توهان وٽ اسوه حسنه بهترين مثال آهي ۽ زندگي ۾ پيروي ڪرڻ جي لاءِ بهترين نمونو آهي تنهن ڪري ڪو به مسلمان جيڪو الله تي ايمان رکي ٿو ان کي يقينن قرآن جي ان ڳالهه تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ نبي ﷺ جي اسوه حسنه جي پيروي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسلامي معاشري جي سڌاري لاءِ اسان کي اسوه نبي ﷺ جي پيروي طرف واپس وڃڻو پوندو جيڪو پهرين صدي جي مسلمانن جي هر نسل ڪيو. هن چيو ته اسان کي اهو موقعو ميسر نه آهي ته پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرون ۽ اسان کي پيغمبر ﷺ جو ديدار نصيب ٿئي، اسان انهن بابت پڙهون ٿا، اسان مان ڪجهه خوشنصيبن کي خواب ۾ نبي ڪريم ﷺ جي زيارت نصيب ٿئي ٿي. اسان پاڻ ﷺ تي نعتون پڙهون ٿا، پاڻ ﷺ بابت ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا، الله جي نبي ﷺ کي پنهنجي حجري کان ٻاهر ايندي مسجد ۾ ويندي، گهٽيءَ ۾ هلندي گهمندي، بازار ۾ ڏسڻ، انهن سان ڳالهه ڪرڻ، اهو اسان جي لاءِ ناقابل تصور آهي. هن چيو ته هر مذهب ۾ الله ان مذهب جي باني جي ڀرپاسي ڪجهه ناليوارين شخصيتن کي جمع ڪري ڇڏي ٿو جن جي چونڊ هو پاڻ ڪري ٿو جيڪي هن باني جي پيغام کي اڳتي کڻي هلن ٿا، اها ڪا عام صورتحال ناهي هوندي، روحانيت جا ڪجهه آثار اسان جي دنيا تي ظاهر ٿين ٿا. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عه جي مڃيندڙن جيڪو ڪردار عيسائيت ۾ ادا ڪن ٿا اهو ئي ڪردار ٻڌمت جا شروعاتي پيروڪار ٻڌمت ۾ ادا ڪن ٿا، اهڙي طرح اسلام ۾ به اهي سڀ سادي مزاج وارا صحرائي عرب کان اهي ماڻهو هئا جن جي دل ايتري پاڪيزه هئي جو اسلام جي پيغام انهن کي بدلائي ڇڏيو ۽ اهي ان جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اهي ڪي وڏا دانشور نه هئا، انهن ۾ سلمان فارسي، بلاول حبشي جهڙا ڪجهه ماڻهو ٻين تهذيبن مان آيا، پر انهن ۾ اڪثر سادي مزاج وارا عرب هئا جڏهن ته الله انهن کي هڪ ڪم جي لاءِ چونڊيو ۽ انهن پنهنجي فطرت کي ان قابل بڻايو ته اهي نبي ﷺ جي پيغام کي پنهنجي اندر سهيڙي سگهن. هن چيو ته اسان ايڪهين صدي جا مسلمان پهريون ڀيرو قرآن جي ڪا آيت رسول ﷺ جي وات مان ٻڌڻ جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون پر انهن ماڻهن جي قسمت ۾ اهڙو ٻڌڻ لکيل هو، نه رڳو مدني دور پر مڪي دور به انتهائي اهم آهي، اهو رڳو هڪ ننڍڙو گروهه هو، اهو ئي اهو طبقو هو جيڪو ان کانپوءِ مديني ۾ وڌيو ويجهيو، نبي ﷺ جي زندگي جي ٻنهي دورن ۾ انهن جيڪو ڪيو اهو تمام اهم هو ته نه رڳو اهي خدا جو پيغام پيش ڪرڻ جي قابل ٿيا پر انهن کي اهڙا ٻڌندڙ مليا جيڪي انهن طرف ڇڪيندا هليا آيا جيڪي ان پيغام جي لاءِ پنهنجون جانيون ڏيندا هئا، جن پنهنجي سوچ ان پيغام جي حوالي ڪري ڇڏي، جن پنهنجو انداز تڪلم بدلايو، پنهنجو طرز فڪر بدلايو، جن دنياوي عيش ۽ عشرت ۾ غرق ان معاشري جي طور طريقن ۽ زندگي جي تصور کي بدلائي ڇڏيو اها ملت اسلاميه جي پهرين نسل بڻجي وئي. هن چيو ته نبي ﷺ فرمايو ته هي منهنجي امت جي بهترين نسل آهي ۽ يقينن اسان سدائين انهن جا مثال ڏيندا آهيون، اسان جي ڪرڻ جو ڪم اهو آهي ته اسان کي موجوده صورتحال کي سمجهڻو آهي. هن چيو ته جنهن حقيقت سان اسان رجوع ڪري سگهون ٿا اها تاريخ جي ڪنهن خاص لمحي ۾ الله جي موجودگي آهي، جيڪا اهڙن واقعن جي تخليق ڪري ٿي جيڪي ابديءَ هوندا آهن. نبي ﷺ جڏهن گهر ۾ داخل ٿيندا هئا ته پهرين ساڄو پير اندر رکندا هئا ۽ اسلام وعلڪيم چوندا هئا جيڪو اسان اڄ به ڪندا آهيون. هن چيو ته جيڪو اسان جي ڪردار جي جوڙجڪ ڪري ٿو جيڪو اسان جي سوچ جو رخ متعين ڪري ٿو جيڪو اسان جي ذهن کي وسعت ڏي ٿو جيڪو اسان جو طرز عمل هوندو آهي، سڀ کان اهم اهو آهي ته اسان پنهنجي خالق بابت ڇا ٿا سوچون، پنهنجي الله، پنهنجي تخليق، انسانيت، باقي دنيا ۽ فطرت بابت اسان جو طرز عمل ڇا آهي، اهو سڀ ڪجهه انساني تاريخ ڪنهن خاص لمحي ۾ الله جي پيغمبر ﷺ طئي ڪري ڇڏيو هو جيڪو اسان جي لاءِ اسلامي وحي کان شروع ۽ خاص طور تي مديني جي مڪمل ٿيڻ سان عروج ماڻي ٿو، ان لاءِ مڪه ۾ پاڻ ﷺ جي پيروڪارن جو انگ تمام گهٽ هو. وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر حمزه يوسف کان سوال ڪيو ته مسلمان ملڪن ۾ اهڙا ملڪ آهن جيڪي سڀ کان وڌيڪ بدعنوان سمجهيا وڃن ٿا اسان نبي ﷺ جا پيروڪار آهيون 622 عيسوي کان 632 عيسوي تائين ڇا نبي ﷺ ان معاشري جي اخلاقيات ۽ معاملن جي معيارن جي سطح کي بلند ڪيو، جنهن کانپوءِ اهي عظيم قوم بڻيا ۽ ڇا اهو ممڪن آهي ته جيڪڏهن توهان وٽ هڪ خاص معيار جي اخلاقيات موجود نه آهي ته ڇا معاشرو انصاف کي فروغ ڏئي سگهي ٿو، ڇو ته عالمي سياست جي پنهنجي تجربي جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته انصاف ۽ قانون جي حڪمراني هڪ مهذب معاشري جو بنياد آهي، ان جي جواب ۾ زيتونا ڪاليج آمريڪا جي صدر ڊاڪٽر حمزه يوسف چيو ته اخلاق يا معاشري جي اخلاقيات جي لحاظ سان آئون اهو چوندس ته اهي ڪنهن خلا ۾ نمودار ناهن ٿيندا، اسلام کان اڳ عرب اخلاقيات جا تمام اعليٰ تصور جا مالڪ هئا، سچائي ۽ سخاوت انهن جي لاءِ تمام اهم هئي، ديانتداري تي عرب فخر ڪندا هئا، اهي ڪوڙ برداشت نه ڪندا هئا. هن چيو ته نبي ﷺ جو فرمان آهي ته مون کي فقط اخلاق جي تڪميل جي لاءِ موڪليو ويو آهي، ان ۾ ڪردار جي وجود جي سوچ موجود هئي پر انهن جو ڪردار بگڙي چڪو هو، اهي تڪبر ۽ مغرور هئا. انهن جي ڪردار ۾ خاميون هيون، هي اهي شعبا هئا جن تي نبي ﷺ ڌيان ڏنو، نبي ﷺ حقيقت ۾ دلين جا طبيب هئا، قرآن چوي ٿو ته نبي ﷺ توهان مان ئي هئا. اصحاب رسول نبي ﷺ جا شاگرد نه پر انهن جا صحابه هئا، انهن کي پيروڪار نه ٿو چئي سگهجي. هن چيو ته قرآن اخوت جو اهو تصور ڏنو آهي ته اهي هڪ ٻئي جو خيال رکندا هئا، هر ثقافت ۽ معاشرو جيتوڻيڪ جن معاشرن ۾ ڪجهه شعبن ۾ بدعنواني آهي انهن جا ٻيا رخ تمام سٺا آهن جيئن ته ڪجهه بدعنوان مسلمان ملڪن ۾ اڃا به تمام مضبوط خانداني قدر آهن، انهن ۾ عزت ۽ تڪريم جهڙن معاملن ۾ ڪافي فڪرمندي موجود آهي، خاندان ۾ ضرورتمندن جو خيال رکڻ جهڙيون شيون سٺيون آهن، اهي سموريون شيون اهڙيون آهن جن تي ڌيان ۽ زور ڏيڻ گهرجي.