رياض – 22 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ دنيا جي سڀني کان وڏي نخلستان الاحسا ۾ کجورن جو نائون ميلو شروع ٿي ويو. اردو نيوز مطابق الاحسا جي ان ميلي ۾ نار جي ٽن ملڪن قطر، امارتن ۽ سلطنيت عمان جا شهري هر سال وڏي انگ ۾ ايندا آهن جنهن سبب الاحسا سياحت جو اهم مرڪز بڻجي ويو آ??ي. اتي50 کان وڌيڪ فيڪٽريون کجورن جي صنعت ۾ اهم ڪردار اداڪري رهيون آهن. الاحسا ۾ کجورن مان خوشبو پڻ تيار ??ئي پئي وڃي جڏهن ته کجورن مان صحت جا شربت ۽ شوگر جون گوريون پڻ تيار جيون پيون وڃن. ميلي جي سرگرمين ۾ هڪ ڪچن ڪارنر پڻ آهي جنهن ذريعي هتي ايندڙن کي تاريخي پڪوانن کان آگاهه ڪيو ويندو آ??ي ۽ روزاني هڪ شيف اهو پڪوان تيار ??ري ماڻهن کي پيش ڪندو آ??ي.