گڏيل قومون -28 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان ج?? امن ج??و هاڻي ان ڪيترائي ڪلوميٽر ڊگهي بند کي (حفاظتي بند) کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي ته جيئن عوام کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي. يو اين آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته 2021ع ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌڻ شروع ٿي هئي ته پاڪستاني انجنيئرن ڊگهي حفاظتي بند کي تعمير ڪرڻ جو ڪم سنڀاليو ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ عارضي دفاعي ڍانچو تعمير ڪيو جنهن کي هاڻي اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهيون، پاڪستاني انجنيئرن ج?? ڪمانڊنگ آفيسر ميجر وقاص سعيد خان چيو ته اسان سڀ کان پهرين ج??اب ڏيندڙ هئاسين ۽ اسان ئي پهرين مرحلي دوران اٽڪل 88 ڪلوميٽر ڊگهو بند تعمير ڪيو هو. هن چيو ته گذريل مهيني دوران اسان ج?? ڪم بنيادي طور تي بند کي مضبوط بڻائڻ هو، اسان ان کي ساڍا 3 ميٽر اوچي ڀت ۾ تبديل ڪيو آهي جيڪو گاڏي?? ۽ ??اڻهن ج?? اچ وڃ جي استعمال لاءِ ڪافي ويڪرو آهي.