اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ ??راچي پورٽ ٽرسٽ جي ملڪيت آهن، پورٽ قاسم اٿارٽي جي قانون موجب اهي وفاق جو حصو آهن، ڪر??چي ۾ ٽرانسپورٽيشن، سيوريج، سولڊ ويسٽ ۽ پاڻي جي سپلاءِ چار وڏا مسئلا آهن، ايتريون حڪومتون آيون پر ڪر??چي جا مسئلا گهٽ نه ٿيا، وزيراعظم عمران خان پاران ڪر??چي جي ترقياتي جي لاءِ پئڪيج سان مطمئن آهيان، سڄي ذميواري وفاق کڻي ته پوءِ صوبائي حڪومت جي ڪهڙي ذميواري رهجي ويندي. نجي ٽي وي چيبنل کي خاص انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر پارٽين جو حق آهي، پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي، مخالف ڌر پارٽين جي گذريل سال لانگ مارچ سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهتو، مخالف ڌر جي مارچ سان ڪورونا وڌڻ جوخ??رو آهي، انهن کي مشورو آهي ته ماسڪ پا??ي احتجاج ڪن.