اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خبردار ڪيو آه?? ته بين الافغان ڳالهين ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون جڏهن ته ان جي لاءِ سمورين ڌرين کي صبر ۽ ت??مل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڳالهين واري عمل ۾ سستي ۽ ڏکيائي به اچي سگهي ٿي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڊيڊ لاڪ به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته افغان پنهنجي مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آه??، اهڙن موقعن تي اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي انهن کي ياد ڏياريندا رهنداسين ته ڳالهين جي ميز تي بنا ڪنهن رتوڇاڻ جي ڊيڊ لاڪ جنگ جي ميدان جي رتوڇاڻ واري حل کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آه??. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن پوسٽ جي تازي شماري ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين کي جن افغان امن عمل ۾ پنهنجو حصو وڌو آه?? انهن کي غيرحقيقت پسنداڻي طور تي مدو مقرر ڪرڻ جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو عمل دخل استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آه??. وزيراعظم چيو ته افغانستان مان عالمي دنيا جو جلدبازي ۾ انخلا غيردانشمنداڻو هوندو. آرٽيڪل ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اس??ن کي انهن علائقائي عنصرن کان به بچڻو پوندو جن جي امن عمل ۾ سيڙپڪاري نه آه?? ۽ اهي پنهنجي جاگرافيائي مفادن جي لاءِ افغانستان ۾ عدم بدامني ڏسڻ چاهين ٿا.