اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ??ي شمار مسئلا درپيش آهن، ماضي ۾ انهن مسئلن جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، تازين برساتن انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جي حوالي سان ??عليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، سينيٽر شبلي فراز، س??د امين الحق، سيد علي حيدر رضوي، سنڌ جو گورنر عمران ??سماعيل (وڊيو لنڪ)، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ لاڳاپيل کا??ن جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪراچي جي پراڻي مسئلن جي حل جي حوالي سان ??امع منصوبي ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران ??ان چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ڪراچي جي عوام کي بي شمار مسئلا درپيش آهن، بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن مسئلن جي مستقل بنيادن تي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، ??ن چيو ته تازين برسا??ن جتي انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو اتي ڪراچي جي عوام کي تمام گهڻن مسئلن جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي.