اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري اڪيلا نه آهن، هر پاڪستاني انهن سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمرا?? خان ڪشميرين جو سفير هجڻ جي حيثيت سان ڪيس وڙهي رهيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي آئون انهن جي وڪالت ڪندس. استحصال ڏهاڙ?? جي حوالي سان خصوصي وڊيو پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون هڪ ڀيرو ٻيهر آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير سان تعلق رکندڙ سمورن ڪشميرين ک?? باور ڪرائڻ چاهيان ٿو ته توهان اڪيلا نه آهيو، هر پاڪستاني توهان سان گڏ بيٺل آهي اسان ک?? توهان جي تڪليفن جو احساس آهي، والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جون خل??ف ورزيون ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن کان دنيا بي خبر ??ه آهي، اڄ دنيا آڏو هندستان جو اصلي چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، وزيراعظم عمرا?? خان ڪشميرين جي سفير هجڻ جي حيثيت سان ڪيس وڙهي رهيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي آئون انهن جي وڪالت ڪندس.