اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو. فورم کي عيدالاضحيٰ تي جانور جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان عملدرآمد ۽ خاص طور تي خلاف ورزين بابت بريفنگ ??ني وئي. مختلف صوبن ۾ حفاظتي تدبيرن جون خلاف ورزيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. فورم کي ٻڌايو وي?? ته پوري پاڪستان ۾ جانورن جي غيرقانوني منڊين کي بند ڪيو وي??، ڏنڊ هنيا ويا ۽ قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي. فورم ۾ شاپنگ پلازه، سبزي منڊين ۽ جانورن جي منڊين ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خلاف ورزين جي مشاهدي تي بريفنگ ??ني وئي. اسد عمر چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسان کي هي عيد سادگي سان ملهائڻ گهرجي. عيد تي تفريحي جاين جو رخ نه ڪيو وڃي ۽ عيد تي ميڙ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته نماز ۾ سماجي فاصلن ۽ ڏنل ??دايتن تي عمل سان وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اسد عمر چيو ته جانورن جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن کي هر ممڪن يقيني بڻايو وي??دو.