اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان سب?? سکڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت ن?? ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکيو آهي، خدشو آهي ته اتي به اهڙو افسوسناڪ قتلام نه ٿئي. سربرينيشيا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي قتلام جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ته سربرينيشيا ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فوج جي پرامن جنت هئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪي??ن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي برادري ان واقعي کي ڪي??ن رونما ٿيڻ ڏنو. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان ان واقعي مان سب?? سکون، عالمي برادري کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت ن?? ڏيڻ گهرجي.