اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ دنيا ڪورونا جي خلاف پاڪستان جي حڪمت عملي جو اعتراف ڪري رهي آ??ي، ايشين ڊو??پمينٽ بئنڪ احساس پروگرام تحت گهٽ مدي ۾ ايتري وڏ?? رقم و??هائڻ تي پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو آهي، معيشت جو ڦيٿو هلائڻ ضروري آ??ي، ٽائيگر فورس جا رضاڪار ايس او پيز تي عمل ڪرائين. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس جي سڄي ٽيم شاباس جي مستحق آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ تي الله جو ڪم رهيو آهي، هن پوري قوم ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ٽيم ۽ طبي عملي جي خدمتن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسان جو ملڪ ان مقام تي آ??ي جتي اڃا به احتياطي تدبيرن تي مڪمل عملدرآمد اسان کي وڏ?? مصيبت کان بچائي سگهي ٿو.