پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبائلي علائقن جي انضمام جو ا??ل مقصد اتي جي عوام کي ملڪ جي ٻين ع??ائقن جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هتي جي عوام کي نظر انداز ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قبائلي علائقن ۾ ڪاروبار جا موقعا وڌائڻ تي ڌيان ??يو جنهن سبب علائقي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو ا??هار وزيراعظم عمران خان پشاور جي دوري جي موقعي تي خيبرپختونخوا جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو.