GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

هن وقت دنيا ۾ هٿيارن بدران بيانيي جي جنگ وڙهي پئي وڃي: چوڌري فواد حسين

image
APP62-261121 ISLAMABAD: November 26 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain addressing during orientation session for the newly inducted human resource staff under digitalization of Associated Press of Pakistan Corporation (APPC). APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هن وقت دنيا ۾ هٿيارن بدران بيانيي جي جنگ وڙهي پئي وڃي، جنهن جو بيانيو جيترو مضبوط هوندو، ان جي ايتري اهميت هوندي، بياني جي ذريعي اسان پنهنجو موقف بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهون ٿا، 2018ع ۾ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته رياستي ميڊيا جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ڪم جو آغاز ڪيو، اي پي پي کي عالمي خابرو ادارن جي طرز تي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي جي ڊجيٽلائيزيشن منصوبي تحت ڀرتي ٿيندڙ ڪانٽريڪٽ ملازمن جي تعارفي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اي پي پي جو مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي، انفارميشن سروسز اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل سعيد جاويد ۽ اي پي پي جا سينئر آفيسر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته هاڻي هٿيارن بدران بيانيي ۽ راءِ جي ذريعي جنگ وڙهي ويندي آهي، جنهن جو بيانيو جيترو مضبوط هوندو ايتري ان جي اهميت هوندي. هن چيو ته تاريخ مان خبر پوي ٿي ته جتي پئسو ۽ وسيلا هئا اتي قبضو ڪيو ويندو هو، هندستان ۾ به اهڙي طرح ٿيو، برطانيه جي ايسٽ انڊيا ڪمپني اچي هندستان جي قبضو ڪري ورتو، پوءِ ان ڪمپني کي واپس وڃڻو پيو، ٻي جنگ عظيم ۾ لکين ماڻهن جون جانيون ويون، ان جنگ کانپوءِ عالمي قانون ٺهيو، دنيا جي اخلاقيات تبديل ٿي وئي. هن چيو ته اسلحي جي زور تي وڙهي ويندڙ روايتي جنگ جي ڳالهه ڪريون ته آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري ڪجهه ڪلاڪن جي اندر اتي حڪومت ڪري ڇڏي هئي، افغانستان جو پورو ڪنٽرول آمريڪا جي هٿن ۾ هليو ويو هو پر هو طاقت جي زور تي پنهنجو مقصد حاصل نه ڪري سگهيو ڇو ته دنيا ۾ غلبه حاصل ڪرڻ جي تعريف بدلجي وئي هئي. هٿيارن جي ذريعي جنگ کٽڻ بدران بيانيو حاوي ٿي ويو ۽ بيانيي جي جنگ ۾ آمريڪا کي شڪست ٿي ۽ آخرڪار ان کي افغانستان مان نڪرڻو پيو. وفاقي وزير چيو ته دنيا جي وڏيون جنگيون هاڻي بيانيي سان وڙهيون وينديون آهن، بيانيي ۾ اهائي ڌر ڪامياب ٿيندي آهي جيڪا پنهنجي دماغ جو بهترين استعمال ڪندي آهي، بيانيي جي ذريعي اسان دنيا جي سامهون پنهنجو موقف بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ پهريون ڀيرو ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن، اسان اهڙو نظام جوڙڻ چاهيون ٿا جنهن مان شفافيت نظر اچي. هن چيو ته 2016ع کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڊجيٽل ميڊيا جي معاملن کي ڏسي رهي هئي، سياسي پارٽي جي حيثيت سان پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊجيٽل ميڊيا رياست جي ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو. هن چيو ته 2018ع ۾ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان رياستي ميڊيا کي ڊجيٽل شعبي ۾ مضبوط بڻائڻ جي ڪم جو آغاز ڪيو، اي پي پي کي رائٽرز ۽ اي ايف پي جهڙن عالمي خابرو ادارن جي طرز تي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، 2018ع ۾ جيڪو سوچيو، اڄ الحمد الله ان کي مڪمل ٿيندو ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته اي پي پي کي صحافت جي ميدان ۾ جديد دور جي گهرجن کي استعمال ۾ آڻيندي صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته 50ع ۽ 60ع جي ڏهاڪي ۾ ۽ اڄ جي ڊجيٽل دور جي صحافت ۾ وڏو فرق آهي، اي پي پي اهڙو ڪمرشل ماڊل اختيار ڪري جنهن سان وسيلا پيدا ٿين ته جيئن هو مالي لحاظ سان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ۽ پنهنجي ملازمن کي وڌيڪ بهتر مراعتون ڏئي سگهي. هن اي پي پي ۾ ڀرتي ٿيندڙ نون ملازمن کي مبارڪباد پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نوان ملازم پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي اداري جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي ويزن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪرڻ تي اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن ۽ سندس ٽيم جي محنت ۽ ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته اي پي پي جي نيوز آپريشن جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان 789.79 ملين روپين جي لاڳت سان ان منصوبي تحت ڀرتين جي لاءِ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي ذريعي ٽيسٽ جو انعقاد ٿيو، اعليٰ پيشيوراڻيُون مهارتون رکندڙ ماهرن ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا انٽرويوز ڪيا جڏهن ته ڀرتين جي عمل کي شفاف بنائڻ لاءِ اميدوارن جي انٽرويوز جي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ به ڪئي وئي. ڊجيٽل ميڊيا جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي پهريون ڀيرو ريسرچرز، سوشل ميڊيا ڪانٽينٽ رائٽرز، گرافڪ ڊزائنرز جهڙين جاين تي باصلاحيت ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو جنهن سان ڊجيٽل ميڊيا جي نئين مهارتن کي استعمال ۾ آڻي اي پي پي جديد دور جي صحافت ۾ پنهنجو ڪردار وڌيڪ موثر انداز ۾ ادا ڪري سگهندي. ان کان اڳ اي پي پي جي ڊجيٽلائيزيشن جي باري ۾ پريزنٽيشن ڏني وئي جنهن ۾ صحافت جي شعبي ۾ اي پي پي جي ڪردار ۽ جديد ور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿيڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي اجاگر ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير اي پي پي جي ڊجيٽلائيزيشن منصوبي جي لاءِ ڀرتي ٿيندڙ ملازمن ۾ سروس ڪارڊز به ورهايا.

مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے