GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن عورتن ۽ ٻين محروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اهم آهي: صدر

image
APP68-061221 ISLAMABAD: December 06 - President Dr Arif Alvi addressing the Sustainable Development Conference titled Beyond the Pandemic: Leaving no one Behind at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن کي عورتن ۽ ٻين محروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته احساس پروگرام تحت روڪ امداد جي سڌي سنئين بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقلي عورتن کي مالي طور تي وڌيڪ بااختيار بڻائيندي، ڪورونا وبا مسئلن سان گڏوگڏ ورچوئل تعليم جهڙا موقعا پڻ پيدا ڪيا آهن، حڪومت معاشري جي سمورن طبقن جي تعاون سان سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ڊيٽا تي ٻڌل وقت سر فيصلن سان غريب طبقن ۽ ملڪي معيشت کي سهارو ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايس ڊي پي آءِ جي اهتمام هيٺ سالياني پائيدار ترقياتي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ايس ڊي پي آءِ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عابد قيوم سلهري ۽ ايمبيسيڊر شفقت ڪاڪاخيل پڻ خطاب ڪيو. صدر ايس ڊي پي آءِ پاران ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ پائيدار ترقياتي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته ٿنڪ ٽينڪس ۾ بهترين فڪر ۽ دانش جو عنصر موجود آهي جڏهن ته انهن کي ان جي مناسب انداز ۾ مارڪيٽنگ پڻ ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان سان پاليسي ۽ فيصلاسازي جي عمل ۾ فائدو کڻي سگهجي. صدر چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا جي دوران حڪومت، نجي شعبي، عالم سڳورن ۽ ميڊيا سميت معاشري جي سمورن طبقن ڀرپور ذميواري جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان واحد ليڊر آهي جنهن سڀ کان اڳ مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي لاڳو ڪئي. هن چيو ته ان حڪمت عملي تحت ڊيٽا جي بنياد تي قدم کنيا ويا جن جا حوصلي جوڳا نتيجا نڪتا. صدر چيو ته حڪومت ماڻهن خاص طور تي ڪمزور طبقن جي سماجي تحفظ، صحت جي سهولتن جي فراهمي، غربت جي خاتمي، غذائي تحفظ ۽ ويڪسي نيشن جي سلسلي ۾ ٺوس قدم کنيا آهن. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ان ڳالهه جو گهرج ڪري ٿي ته اسان کي علاج کان اڳ احتياط تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اهڙي طرح ڪيترين ئي بيمارين کان بچاءُ ممڪن آهي. هن چيو ته ڪورونا جي وبا جي ڪري جتي وڏا مسئلا پيدا ٿيا آهن، اتي ورچوئل تعليم جهڙا موقعا پڻ پيدا ٿيا آهن جن جي پاڪستان جهڙن ملڪن کي سخت ضرورت هئي. صدر ڊيجيٽلائيزيشن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڊيٽا جي ڪري پاڪستان ۾ حڪومت ڪورونا وبا دوران محروم ۽ مستحق طبقن تائين پهچ حاصل ڪئي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي ڪري عورتن کي قومي معيشت جي ڌارا ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، حڪومت پاران آسان قرضن ۽ هنرمند بڻائڻ ۾ سهولتون فراهم ڪيون پيون ڃن، ان سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر غريب ملڪن مان وسيلن جي امير ملڪن کي منتقلي جو پس منظر پيش ڪندي چيو ته اهو سلسلو ڪالونيل دور کان هلندو پيو اچي، اڄ جي دور ۾ مني لانڊرنگ انهي استحصال جي هڪ شڪل آهي جنهن ۾ غريب قومن جو پئسو غيرقانوني طور تي ترقي يافته ملڪن ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو، اهڙي طرح انسانيت جو استحصال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اولهه دنيا اسان کي انساني همدردي جو درس ڏي ٿي جڏهن ته پاڻ ان جو پنهنجو ڪردار سڀني جي سامهون آهي، ان ڏس ۾ هن پوپ فرانسس جي يوناني جزيري ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڏنل هڪ تازي بيان جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ هن چيو ته ”يورپ مهاجرت جي حوالي سان“ قومپرستاڻي اناپرستي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اڄ اسان جمهوريت جي پسپائي جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون. صدر چيو ته پاڪستان گذريل 40 سالن کان لکين افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني آهي، ان جي خلاف پاڪستاني معاشري ۾ ڪڏهن ڪو آواز نه اٿاريو ويو. صدر عارف علوي پاڪستان جي بهتر مستقبل جي لاءِ تعليم، صحت ۽ معيشت جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان حوالي سان ٿنڪ ٽينڪس اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پنهنجي خطاب ۾ احساس پروگرام تحت معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪورونا جي وبا دوران پاڪستان حڪومت پاران ڪمزور طبقن جي سماجي تحفظ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته احساس پروگرام تحت مختلف منصوبن جا مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ لاڳاپيل حصيدارن سان مشاورت سان وڌيڪ بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي ايس ڊي پي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عابد قيوم سلهري پائيدار ترقياتي ڪانفرنس جي پس منظر ۽ مقصدن بابت آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وبا دوران حڪومت جي موثر حڪمت عملي کي ساراهيندي چيو ته ان مشڪل صورتحال ۾ حڪومت عوام کي صحت، بک ۽ غربت ۽ معيشت جي وڏي بحران کان بچائڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ ملڪ ۾ پائيدار ترقي جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو ۽ ان بابت سفارشون تيار ڪيون وينديون. ايمبيسيڊر شفقت ڪاڪاخيل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ايس ڊي پي آءِ غيرسرڪاري ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان حڪومت جي پائيدار ترقي جي ڪوششن ۾ تعاون جاري رکندو. هن ڪورونا وبا دوران موجوده حڪومت جي سماجي تحفظ، صحت ۽ معاشي استحڪام جي ڪوششن کي ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : فائر جوکر