اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيھ جي بزنس ڪميونٽي پاران پاڪستان ۾ جاري ??راڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري ??لچسپي وٺڻ سٺو سنئوڻ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهم ترڪ بزنس گروپن سان ملاقاتن دوران انهن پاڪستان ۾ زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي ضرورت تي روشني وڌي آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيھ وچ ۾ 31 مئي کان آپريشنل ٿيل شئين ۾ واپار جي تاريخي معاهدي سان بهترين موق??ا پيدا ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ 3 سالن ۾ ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي کي 5 ارب ڊالر سالياني تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪري ??گهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته اها ڳال??ه خو??ي جهڙي آهي ته ترڪيھ جي بزنس ڪميونٽي پاڪستان ۾ جاري ??راڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري ??لچسپي ظاهر ڪئي آهي.