اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان ٽيلينٽ کي راندين طرف متوجهه ڪرڻ ۽ دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميگا اسپورٽس ايونٽس جو انعقاد ضروري آهي، ڪشمير پريميئر ليگ جي ذريعي عالمي سطح تي ڪشمير جي خوبصورت منظرن ۽ ثقات جي فروغ لاءِ معياري پليٽ فارم ميسر ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير پريميئر ليگ ( ڪي پي ايل) جي انت??ام??ه جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ڪشمير معاملن باب?? پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، ڪشمير پريميئر ليگ جي صدر عارف ملڪ، چيف ايگزيڪيٽو آفيسر چوڌري شهزاد اختر، ڪشمير پريميئر ليگ جي انت??ام??ه جا سينئر ميمبر، فرنچائز مالڪ ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. ليگ جي انت??ام??ه صدر کي ڪي پي ايل جي ارادن ۽ مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ليگ جي انعقاد سان پوري دنيا ۾ ڪشمير ڪا?? اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشمير کي عالمي راندين ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ملندي.