اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سياسي ??ستحڪام جو بهترين رستو چونڊون آهن، ملڪ کي استحڪام طرف نه آندو ت?? ملڪي معيشت کي شديد نقصان ٿيندو، آرٽيڪل 63 اي آئين جو حصو آهي، اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڊي چوڪ تي ميڊيا س??نڳ الهائيندي ڪئي، چوڌري فواد حسين چيو ت?? بي ??عت??ادي رٿ جي معاملي سان گڏوگڏ اسان کي ڏسڻو پوندو ت?? آرٽيڪل 63 اي جي خلاف ورزي ٿي يا نه، ماڻهن کي رڍن ٻڪرين وانگر خريد ڪيو ويو ۽ سنڌ هائوس ۾ رکيو ويو، هن چيو ت?? اهو ڪهڙو مٽيريل هو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ت?? بي ??عت??ادي رٿ نٿي ٺهي، اهو مٽيريل ڊاڪٽر بابر اعواڻ پيش ناهي ڪرڻو، ان تي ان ڪئميرا ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، اهو مٽيريل اٽارني جنرل يا وزيراعظم جو وڪيل ان وقت پيش ڪري سگهن ٿا جڏهن عدليه انهن کي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، هن چيو ت?? پاڪستان جي اندر جلد کان جلد سياسي ??ستحڪام جي ضرورت آهي، سياسي ??ستحڪام لاءِ اسان کي اليڪشن طرف وڃڻ گهرجي، سياسي ??دم استحڪام جي ڪري ڊالر جو اگهه 186 روپين تي پهچي ويو آهي جيڪڏهن اهو عدم استحڪام جاري ره??و ت?? اسان معاشي بهتري لاءِ جيڪي قدم کنيا هئا اهي به ضايع ٿي ويندا، چوڌري فواد حسين چيو ت?? سياسي ??ستحڪام لاءِ بهترين رستو چونڊون آهن، ن ليگ ۽ مخالف ڌر جو به مطالبو هو ت?? ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن، هن چيو ت?? اسيمبلي تحليل ٿي وئي آهي، هاڻي پٽيشن اها آهي ته اسيمبلي صحيح طريقي سان تحليل ناهي ٿي ان کي بحال ڪيو وڃي، اسان بي ??عت??ادي رٿ آڻيون ۽ پوءِ حڪومت کي موڪليون، هن چيو ت?? مخالف ڌر جي سوچ انهن جي پيرن تي محدود آهي، ملڪ کي استحڪام طرف نه آندو ت?? ملڪي معيشت کي شديد نقصان ٿيندو.