اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ ??ڪومت جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪراچي ”سنڌ ??قوق مارچ“ عوامي امنگن جو ترجمان آهي، ساڍا 13 سالن کان پيپلز??ار??ي سنڌ ??ي حڪومت ڪري رهي آهي پر عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ حقوق سنڌ مارچ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايمبولينس ميسر نه هجڻ تي ??نڌ ۾ اڄ به مريضن کي ٺيلهي تي ??سپتالن ۾ آندو وڃي ٿو، ڪراچي جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته هي اها سنڌ ??هي جتان جا چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي وڃن ٿا، پيپلز??ار??ي سنڌ ۾ ايتري ڪرپشن ڪئي جو اتان جا چوها به دلير ٿي ايتري ڪڻڪ کائي ويا، سنڌ ??ي خوراڪ واري وزي?? جي اسيمبلي فلور تي ??يهي اربين رپين جي ڪرپشن جي اعتراف تي ??لاول جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني جو ذميوار ڪير آهي؟ حقوق سنڌ مارچ سنڌ ??ي مختلف ضلعن ۾ ويندو، گهوٽڪي کان شروع ٿيندڙ سنڌ ??قوق مارچ مختلف ضلعن کان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو.