اسلام آباد – 09 8211; مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي، اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، ايم ڪيو ايم جي قيادت سان وزيراعظم جي تمام سٺي ملاقات رهي. وزيراعظم ع??را?? خان جي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ملاقات ۾ اسان سڄي صورتحال جو ??ائزو پڻ ورتو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، اسان انهن سان اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ۽ ان کي حتمي شڪل ڏني جڏهن ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ذات تي مڪمل اعتماد جو ??ظهار ڪيو. ايم ڪيو ايم جي قيادت چيو ته توهان بهادر آباد اسان جي گهر آيا آهيو اسان توهان سان گڏ آهيو. ايم ڪيو ايم قيادت ??زيراعظم آڏو نه ڪو مطالبو رکيو ۽ نه ئي ڪا گلا ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ايم ڪيو ايم جا ٿورائتا آهيون جو ??نهن اسان کي تمام گهڻي عزت ڏني ۽ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.