اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي متحده قومي موومينٽ جي ??ارلياماني اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ??اري وفاقي وزير امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس جي ??اروا تشدد جي ??ذمت ڪئي، پرڏيهي چيو ته پُرامن احتجاج کي لٺين ۽ شيلنگ جي ذريعي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جمهوري ح?? جي خلاف آهي. پرڏيهي وزير ايم ڪيو ايم جي ??يمبر اسلم جي شه??دت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس تشدد سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي اک ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، مخدوم ش??هه محمود قريشي چيو ته متحده قومي موومينٽ جي عورتن تي پوليس تشدد جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ايم پي اي کي ڪراچي جي رستن تي گهليو ويو ۽ پوري قوم ڏٺو، ش??هه محمود قريشي چيو ته ڪالهوڪي افسوسناڪ واقعي سان جمهوريت جي ڪوڙي دعويدارن جي ساک پڌري ٿي وئي آهي، روزاني جمهوريت جو درس ڏيندڙن جو اصل چهرو سڀني ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو. ش??هه محمود قريشي چيو ته سنڌ جي بلدياتي قانون کي پيپلزپارٽي کانسواءِ، سموريون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن، ايستائين جو پي ڊي ايم ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ ن به رد ڪري چڪي آهي، ان قانون جي خلاف اسيمبلي جي اندر احتجاج ۽ اسيمبلي جي ??اهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو مسلسل جاري آهي، مخدوم ش??هه محمود قريشي چيو ته سنڌ جو بلدياتي نظام، عوام جي ??چ ۾ مذاق بڻجي ??يو آهي، پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي ??ائيس چيئرمين جي ح??ثيت سان، ان قانون جي ??وري تبديلي تي زور ڏنو.