اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وڏ?? شهرن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ڇو ته وڏا شهر قومي معيشت جي ترقي جو حقيقي محرڪ آهن، لاڳاپيل عملدار وڏ?? شهرن جي ترقياتي اسڪيمن جي رستي ۾ ايندڙ ڪاوٽون ختم ڪن. هو وڏ?? شهرن جي منصوبابندي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪر?? رهيو هو. هن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن کان شهري علائقن ۾ آبادڪاري جي ڪر?? وڏ?? شهرن کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن ا??هن ۾ هائوسنگ، ملازمتن جا موقعا ۽ شهري ضرورتن کي کوٽ ٿي رهي آهي تنهن ڪر?? اهو ضروري آهي ته وڏ?? شهرن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پيڪيج تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو وڏ?? شهرن جي رهواسين کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ لاءِ مختلف ترقياتي اسڪيمن جي تڪميل جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائين. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا جهڙن وڏ?? شهرن جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ گڏيل رابطا رکن ۽ جامع مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، صنعت واري وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر شرڪت ڪئ?? جڏهن ته پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، پنجاب جي وڏ?? وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.