اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ مستحڪم افغ??نس??ان ئي خطي جي لاءِ بهتر آهي، افغ??نس??ان جي موجوده صورتحال انتهائي سنگين آهي، افغان عوام جي مدد ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، افغ??نس??ان مان پاڙيسري ملڪن ۾ پناهگيرن جي اچڻ کي روڪڻ جي لاءِ افغ??نس??ان ۾ مستحڪم حڪومت ضروري آهي، پاڪستان اڳ ۾ ئي 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي چئن ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آهي، هر معاشري ۾ ??نس??ني ۽ عورتن جي حقن جو تصور مختلف آهي، اسان کي انهن حقن جي حوالي سان حساسيت جو ادراڪ ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪا حڪومت پنهنجي ملازمن، طبي عملي کي پگهارون نه ٿي ڏئي سگهي ته اها مستحڪم نه ٿي رهي سگهي، اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي فلسطين ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ لاڳاپيل قراردادن تي زور ڏيڻ گهرجي، اسلامو فوبيا هڪ اهم مسئلو آهي، نائن اليون کانپوءِ اهو خطرناڪ حد تائين وڌي چڪو آهي، او آءِ سي ان جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افغ??نس??ان جي موجوده بحران مان نڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ٺوس حڪمت عملي جوڙي، اميد آهي ته او آءِ سي پرامن افغ??نس??ان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس کي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر، گڏيل قومن جي ??نس??ني حقن بابت ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير ميولت ڪائوسگلو، اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي، نائجير جي پرڏيهي وزير يوسف محمد ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان سمورن شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو هي غيرمعمولي اجلاس افغ??نس??ان جي موجوده بحران تي غور جي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. جيتريون مشڪلاتون افغ??نس??ان جي عوام ڏٺيون ڪنهن ٻئي ناهن ڏٺيون. افغ??نس??ان جي حالتن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کنيو، افغ??نس??ان چار ڏهاڪن کان گهرو ويڙهه جو شڪار آهي، هتان جي هڪ وڏي آبادي لڏپلاڻ ڪئي. دنيا جي ڪنهن ملڪ افغ??نس??ان کان وڌيڪ مسئلا ناهن ڏٺا. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورا مهمان افغ??نس??ان جي صورتحال کان آگاهه آهن. هن چيو ته افغ??نس??ان جو بئنڪنگ جو نظام جمود جو شڪار آهي، ڪنهن به ملڪ جي بئنڪنگ جي نظام ۾ جمود سان ان ملڪ ۾ استحڪام ن?? ٿو اچي سگهي. افغ??نس??ان جو مسئلو 4 ڪروڙ ??نس??نن جو مسئلو آهي. افغ??نس??ان جي موجوده بحران ۾ اڳ ۾ ئي دير ٿي چڪي آهي. هتي قائم ٿيندڙ ٺوس حڪومت جي عبوري پرڏيهي وزير لاڳو ڪيل ٽن شرطن جي حل جي عزم جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته هر معاشري ۾ ??نس??ني حقن ۽ عورتن جي حقن جو تصور آهي. پاڪستان ۾ خيبرپختونخواهه جو ڪلچر افغ??نس??ان سان هڪ جهڙائي رکندڙ آهي. شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ڪلچر ۾ واضح فرق آهي. پشاور جو ڪلچر افغ??نس??ان سان ملندڙ پاڪستان جي شهرن کان مختلف آهي. اسان کي ??نس??ني ۽ عورتن جي حقن جي حوالي سان حساسيت جو ادراڪ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغ??نس??ان ۾ حڪومت وٽ پنهنجي ملازمن ايستائين جو ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي ڏيڻ جي لاءِ پگهارون نه آهن. اهڙي طرح ڪا حڪومت مستحڪم نه ٿي رهي سگهي. افغ??نس??ان مان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ اتي هڪ مستحڪم حڪومت جي ضرورت آهي. پاڪستان افغان جنگ کانپوءِ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني آهي. 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ معاشي نقصان کنيو. 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي مسلسل چار ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن افغ??نس??ان ۾ امن ۽ استحڪام نه آيو ته وڌيڪ پناهگير اچي سگهن ٿا. پوري دنيا کي پناهگيرن جو مسئلو درپيش آهي. ايران به افغ??نس??ان ۾ عدم استحڪام جي ڪري وڌيڪ پناهگيرن کي منهن ن?? ٿو ڏئي سگهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ترقي يافته ملڪن جي لاءِ پناهگير مسئلو آهي ته پاڪستان جهڙا غريب ملڪ ڪيئن لکين پناهگيرن جي ميزباني برداشت ڪري سگهن ٿا. اميد آهي ته او آءِ سي پرامن افغ??نس??ان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين پاران فوري ۽ ڊگهي مدي وارا قدم اهم آهن. هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جا پرڏيهي وزير افغ??نس??ان جي موجوده بحران جي حل لاءِ هڪ واضح روڊ ميپ سان سامهون اچن ته جيئن افغ??نس??ان ۾ ان بحران جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام اسان طرف ڏسي رهي آهي. انهن جا ??نس??ني ۽ جمهوري حق پائمال ڪيا پيا وڃن. انهن کي گڏيل قومن پاران ڏنل حقن تي پڻ عملدرآمد نه ٿي سگهيو. اسان کي اسلامي تعاون تنظيم جي فورم تان ان حوالي سان به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا دنيا ۾ تمام وڏو مسئلو آهي. ان جي شروعات نائن اليون کانپوءِ ٿي جيڪو هاڻي خطرناڪ حد تائين پهچي چڪو آهي، نيوزيلينڊ جي هڪ مسجد ۾ 50 کان وڌيڪ مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو اولهه ۾ اسلام جي پيغام کان آگاهي نه آهي جنهن سان اسلام جو فهم نه هجڻ جي ڪري خال وڌي رهيو آهي. او آءِ سي جي لاءِ اها ڳالهه اهم آهي ته اها ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اولهه اسلام جي خلاف پروپئگنڊه ڪري ٿو، رحمت للعالمين اٿارٽي سڄي دنيا جي مسلمان دانشورن سان مشاورت ڪري ان جو جواب ڏيندي. وزيراعظم چيو ته اسان رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي آهي. اها اٿارٽي سڄي دنيا جي مسلمان اسڪالرز سان مشاورت ڪري اسلام جي حقيقي تشخص کي اجاگر ڪندي. هن چيو ته اسلام هڪ آهي ۽ اهو اسلام اسان جي نبي ڪريم ﷺ جو آهي، نبي ڪريم ﷺ دنيا جي سمورن ??نس??نن جي لاءِ رحمت للعالمين آهن، جهڙي طرح الله تعاليٰ سمورن ??نس??نن جي لاءِ رب العالمين آهي اهڙي طرح حضور ﷺ رحمت للعالمين آهن. هن چيو ته اسان کي رحمت للعالمين اٿارٽي سان سڄي دنيا ۾ اسلام جو اصل تصور اجاگر ڪرڻو آهي. هن او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي چيو ته اهي افغ??نس??ان کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙين، افغ??نس??ان جي مدد ڪرڻ اسان جو مذهبي فرض آهي، افغ??نس??ان جي وڏي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ آهي، اهو افغان عوام جي بقاءَ جو مسئلو آهي، افغان عوام جي مدد ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، افغ??نس??ان جي موجوده صورتحال انتهائي سنگين آهي. هن چيو ته پوري دنيا وانگر اسان جي معيشت به ڪورونا کان متاثر ٿي آهي.