گوجرانوالا-03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ذريعي ڪرايون وينديون ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق به ملندو. پنجاب ۾ ايندڙ مڪاني چونڊون به اي وي ايم ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي. گوجرانوال?? ۾ ??وورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سڄي ملڪ ۾ جم??وريت جي استحڪام ۽ـ صاف سٿري سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي پارٽيون چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي رڙيون ڪنديون آهن، پر پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن چونڊ سڌارن جي ذميواري کنئي ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي جنهن تحت ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ڪرايون وينديون. ڌانڌليءَ جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جم??وري لحاظ کان هٿي ملندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اهڙي مڪاني نظام جو خواهشمند آهي جنهن ۾ حقيقي طور تي اقتدار جي منتقلي ٿئي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته عوام جو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ جي اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين شين جو فيصلو ڪري سگهندو. هن چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل وعدا پورا ڪري رهي آهي.