اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ ??ظام جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جي 22 هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، آءِ ٽي جو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نادرا صدر کي آءِ ووٽنگ تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر عارف ??لوي چ??و ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ آءِ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ ??ظام جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال وڃي، هن هدايت ڪئي ته نادرا آءِ ووٽنگ ??ظام جي تياري ۾ ٽيڪنيڪي چئلينجز ختم ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪري. اجلاس ۾ آءِ ووٽنگ جي نظام جي تياري ۾ تيزي آڻڻ، نگراني ڪرڻ ۽ رڪ??وٽ??ن ختم ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صدر آءِ ووٽنگ ??ظام جي تياري ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.