اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وف??قي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 8487 ارب رپيا آهي جيڪو گذريل سال جي 7136 ارب رپين جي بجيٽ کان 19 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ??ئين مالي سال ۾ زراعت جي لاءِ واڌاري جي شرح 3.5 سيڪڙو، صنعت 6.5 سيڪڙ?? ۽ ??دمتن جي شعبي ۾ واڌاري جو هدف 4.7 سيڪڙو مقرر ڪيو پيو وڃي. سماجي رابطن جي ويب سائي?? ٽوئيٽر تي جاري پيغامن ۾ هن چي?? ته هلندڙ سال زرعي شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، حڪومت ايندڙ مالي سال جي لاءِ واڌاري جو هدف 4.8 سيڪڙو رکي رهي آهي.