اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) تاجڪستان جو صدر اما?? علي رحمانوف، وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اڄ اربع تي ٻن ڏينهن جي د??ري تي پاڪستان پهچندو. پرڏيهي آف??س موجب پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثق??فت جي بنياد تي ويجها ڀائراڻي لاڳاپا آهن، اهي لاڳاپا گڏيل احترام ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش تي آهن، وچ ايشيا سان ويجهي لاڳاپن ۽ تعاون ۾ اضافي لاءِ پاڪستان جي ويزن جي ڏس ۾ تاجڪستان اهيمت رکندڙ آهي.