اسلام آباد – 07 – مئي (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ ن??ين سگهه نظر ايندي، وزيراعظم عمران خان جي سڄي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پ??رهيت دوست پاليسي تي مخالف ڌر جي تنقيد سمجهه کان مٿي آهي، مخالف ڌر اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، چونڊ سڌارن، قانونسازي سميت هر سٺي ڪم جي مخالف آهي، تڪ اين اي 249 ري ڪائونٽنگ جو نه ري پ??ل جو ايشو آهي، پي ٽي آءِ جي ري پ??ل موقف تي ا?? (ن) ليگ بيٺل نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر سنجيده ڪردار ادا ڪري ته هڪ اهڙو چونڊ نظام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين جنهن کانپوءِ ايندڙ چونڊ نتيجا هر ڪنهن کي قابل قبول هوندا، مخالف ڌر ڪيس عدالتن ۾ اڪلائي جيڪڏهن نظام صحيح ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ڪرڻي آهي ته اسان جا دروازا سدا??ين کليل آهن. هو واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سان گڏ پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.