اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت ??عليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي و??يڪ سگهه ڏ??ڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽر احمد نصير المحمد الاحمد الجابر الصباح جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ٿيو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڪويت ??عليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن گڏيل فائدي لاءِ ٻه طرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ڏ??ڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪويت ??ان خوشگوار ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي و??ي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان ڀائر ملڪ ڪويت ??ان لاڳاپن کي و??يڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته تعليم، صحت ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان ڪويت کي هنرمند افرادي قوت ۽ ٻين پيشيوراڻي ماڻهو مهيا ڪري س??هي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ڪويت کي فوجي اهلڪارن کي پنهنجي فوجي تربيتي ادارن ۾ تربيت فراهم ڪري س??هي ٿو.