اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪوتاهين جي نتيجي ۾ اڄ عوام پيسجي رهي آهي، بجلي جا مهانگا منصوبا لڳايا ويا، ??هچ ۽ ورڇ جي نقصانن تي ??ابطو آڻڻ ۽ سسٽم جي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ جي رخن کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي ??جلي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي س??ن اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بجلي جي موجوده قيمتن، گردشي قرضن ۽ انهن قرضن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جتي ٽيڪنيڪي ۽ غير ٽيڪنيڪي نقصانن ۾ گهٽتائي جو رجحان سامهون آيو آهي اتي ??جلي جي بلن جي و??ول??ن ۾ به بهتري آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن لاسز (??هچ ۽ ورڇ) ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ڀرپور ڪوشش آهي ته ??هچ ۽ ورڇ جي مد ۾ ٿيندڙ اصل نقصانن ۽ نيپرا پاران منظور ٿ??ل شرح جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ترين سطح تي ??ڻي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نقصانن تي ??ابطو آڻڻ ۽ و??ول??ن کي بهتر ڪرڻ جي حوالي س??ن ايندڙ ٻن سالن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ جي نتيجي ۾ تقريبن سوا ٽي سئو ارب روپين جي بهتري ايندي جنهن جو فائدو صارفين کي ميسر ايندو.