پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان جو حيات آباد اسپورٽس ڪمپليڪس پهچڻ تي وڏي وزير محمود خان، گورنر شاهه فرمان ۽ صوبائي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا استقبال ڪيو، تقريب شروع ٿيڻ کان اڳ وزي??اع??م ۽ شرڪت ڪندڙن آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي احترام ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي. حيات آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي عالمي ڪرڪيٽ جي لاءِ اپ گريڊيشن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، تماشائين جي لاءِ ويهڻ جي لاءِ جڳهه کي وڌائڻ، ڊيجيٽل اسڪور بورڊ ۽ جنرل پبلڪ اسٽينڊ کانسواءِ ٻئي ضر??ري توسيع ڪم سان اسٽيڊيم ۾ آءِ سي سي جون مئچون منعقد ڪرائي سگهبيون.