GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمن تي اٿاريندو رهندو، افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکنداسين: نگران وزيراعظم

image

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي حل نه ٿيندڙ ايجنڊا ايٽمز ۾ ڄمون ڪشمير تڪرار سڀ کان پراڻو آهي ۽ پاڪستان ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمز تي اٿاريندو رهندو، پاڪستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين علائقائي ملڪن سان مضبوط لاڳاپا آهن، اولهه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانگي کان اڳ آمريڪي نشرياتي اداري وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سمورن دستياب گهڻ رخي ۽ علائقائي فورمن تي ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ باقاعدگي سان دفاع ۽ وڪالت ڪندو رهيو آهي ۽ ان مسئلي جي حل تائين پاڪستان پنهنجو اهو ڪردار جاري رکندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ذڪرڪندي نگران وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جو سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، ڀارت جي قابض فوج پوري علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪشميرين جي آواز کي دٻايو پيو وڃي، چونڊن بابت افواهن کي رد ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا آهن. اسان کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن هن عمل کي ايمانداري سان مڪمل ڪندو. هن نگران حڪومت طرفان چونڊون رٿڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مالي وسيلن ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ماضي ۾ ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ ۾ دير جي باري ۾ سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته ممڪن آهي ته ان دور ۾ ڪجهه مسئلا هجن جنهن کي مختلف فورمن قبول ڪيو هو، وزيراعظم سرحدن تي سلامتي جي خطرن تي ضابطو آڻڻ ۽ چونڊ عمل کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اعتماد جو اظهارپڻ ڪيو، وزيراعظم ملڪ ۾ جمهوري عمل کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته چونڊ عمل کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي احسن انداز ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي آهي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان اسان جا اهڃاڻ خطي ۾ تمام بهتر آهن، ملڪ ۾ ميڊيا کي آزادي آهي، ميڊيا حڪومت ۽ ان جي ادارن يا معاشي معاملن جي حوالي سان ڪنهن به مسئلي تي آواز اٿاري سگهي ٿو يا نشر ڪري سگهي ٿو. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف قانوني ڪيسن جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم ان تاثر جي سختي سان ترديد ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هي عدالتن جي ٻڌڻي هيٺ معاملا آهن. اڳوڻي وزيراعظم خلاف الزام آهن، اسان کي اميد آهي ته عدالتي عمل شفاف هوندو، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران حڪومت مسلسل آئيني عمل سبب ڪم ڪري رهي آهي ۽ کيس قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي، هن نگران حڪومت کي اڳوڻي پي ڊي ايم حڪومت جو تسلسل قرار ڏيڻ جي تاثر کي به مڪمل طور غلط قرار ڏنو، نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ سمورن لاڳاپيل فورمن تي طالبان ۽ عالمي برادري سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، نگران وزيراعظم چيو ته طالبان دوحه معاهدي تحت عهد ڪيو هو ته افغان سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته نگران حڪومت غير قانوني واپار سميت افغان ٽرانزٽ جي مسئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان جا واپاري لاڳاپا نه رڳو افغانستان پر سمورن وچ ايشيائي ملڪن سان به بهتر ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سمورا علائقائي واپاري رابطن جي اهميت کي سمجهن ٿا، افغان سرزمين کان ٿيندڙ دهشتگردي جي حملن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي ڪنهن به ڪارروائي خلاف دفاع جو محفوظ حق رکي ٿو ۽ جڏهن ضرورت پئي ته پنهنجي عوام ۽ ڌرتي جي دفاع لاءِ ضروري قدم کڻندو، جڏهن وقت ايندو ان سلسلي ۾ مناسب فيصلا ڪنداسين، وزيراعظم ڪاڪڙ چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ نيٽو طرفان ڇڏيل هٿيار دهشتگردن جي هٿن ۾ اچڻ بابت سندس بيان جو مقصد آمريڪا يا ٻي ڪنهن ملڪ تي ڪو الزام لڳائڻ نه هو، ان حوالي سان جيڪو تاثر ڏنو ويو آهي اهو درست ناهي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي سفارتي اڪيلائي جي تاثر کي رد ڪندي چيو ته پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين ملڪن سان مضبوط لاڳاپاآهن، جڏهن ته اولهه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں