GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سينيٽ پاران پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع اتفاق راءِ سان منظور

image

اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. بل تي ڳالهائيندي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته صحافين جي هڪ حلقي جا بل تي خدشا هئا، باقي تنظيمن ان جي حمايت ڪئي، صحافين جو هڪ وڏو وفد جنهن ۾ مختلف تنظيمن جا عهديدار شامل هئا، انهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڪجهه وفاقي وزير به موجود هئا، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن وزيراعظم کي ٻڌايو ته هي بل صحافتي برادري جي لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو، صحافين بل جي منظوري جي لاءِ پريس گيلري مان واڪ آئوٽ پڻ ڪيو هو ۽ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کين يقين ڏياريو هو ته ان بل کي منظور ڪرايو ويندو ڇو ته ان سان پگهارن ۽ سيڪيورٽي جا معاملا واڳيل آهن، وزيراعظم پڻ هدايت ڪئي ته هي بل منظوري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اپريل 2022ع ۾ پيمرا آرڊيننس ۾ ترميم جي عمل جي شروعات ڪئي وئي، ان ۾ ڪيترين ئي شقن جي تبديلي ضروري هئي. هن چيو ته اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي، پي بي اي، ايمنڊ سميت سمورن ميڊيا نمائندن سان گڏجي ان پراسيس کي شروع ڪيو، ڊگهي مشاورت کانپوءِ مس انفارميشن، ڊس انفارميشن کي ان بل ۾ شامل ڪيو ويو. هن چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع تحت پيمرا چيئرمين ڪنهن به چينل کي بند ڪري سگهي ٿو، معطل ڪري سگهي ٿو، لائيسنس رد ڪري سگهي ٿو، هلندڙ پروگرام کي بند ڪري سگهي ٿو، پيمرا چيئرمين جي هڪطرفي اختيار کي اٿارٽي ۾ ورهايو، ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي اختيار ڏنو، ان ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ ڪو پليٽ فارم موجود نه هو، نيوز پيپرز ملازمن جي لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم دستياب هو، پي ايف يو جي، پي آر اي، آر آئي يو جي سميت مختلف نمائندن سان گڏجي ان ترميم کي شامل ڪيو ويو ته ڪو ادارو ملازمن جون رهتون ادا نه ٿو ڪري ته حڪومت ان کي اشتهار نه ڏيندي، جيڪڏهن ڪو ادارو گهٽ ۾ گهٽ اجرت ادا نه ڪندو ته ان کي به حڪومتي بزنس جاري نه ڪيو ويندو. مريم اورنگزيب چيو ته آءِ ٽي اين اي 9 مهينن ۾ 14 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي ڪئي، ٽي شقون ان بل ۾ شامل ڪيون ويون، 12 مهينا ان تي مشاورت ٿي، قومي اسيمبلي ۾ 10 کان 12 ڏينهن تائين هي بل موجود رهيو، اتي ان تي بحث ٿيو، قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي مان اهو بل منظور ٿيو، ان کانپوءِ هي بل سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، منهنجي درخواست تي هي بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو ته جيئن ان تي وڌيڪ راءِ اچي وڃي، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيمرا چيئرمين جي سليڪشن جو اختيار پارليامينٽ کي ڏيڻ جي راءِ ڏني وئي، وزيراعظم ان ترميم جي فوري منظوري ڏني. هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آگاهه ڪيو ته ٻئي شقون قانون جو حصو آهن، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي تعريف کي 12 ملڪن ۽ گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس ڪميٽي جي ڊيفي نيشن مان رهنمائي حاصل ڪندي تيار ڪئي، اڳ ۾ چيو ويو ته ڪنهن جي اشاري تي اهو ڪارو قانون ٺاهيو پيو وڃي. هن چيو ته مون سدائين چيو ته ترميمون ڏيو پر ان کي منهنجي ذات جو مسئلو بڻايو ويو، مون سدائين تنقيد برداشت ڪئي آهي، سي پي اين اي، ايمنڊ، پي ايف يو جي، پي بي اي جي ماڻهن ڪميٽي ۾ اچي تصديق ڪئي ته اسان ان بل جي تياري ۾ مشاورت ۾ حصو ورتو. هن چيو ته ميڊيا نمائندن چيو ته بل حڪومت پيش ڪيو آهي پر هي ميڊيا انڊسٽري جو بل آهي، منهنجي قيادت اظهار راءِ جي جنگ وڙهي آهي، اڳوڻي دور ۾ هلندڙ پروگرام بند ڪيا ويندا هئا، عرفان صديقي کي هڪ ڪالم لکڻ تي جيل موڪليو ويو. هن چيو ته اسان انهن مرحلن مان گذريا آهيون، منهنجي قيادت تي الزام هنيو ويو ته اسان ڪارو قانون آڻي رهيا آهيون، اسان اظهار راءِ جي آزادي کي ختم ڪري رهيا آهيون، بل کي پڙهڻ کانسواءِ تڪراري بڻايو ويو، پريس گيلري ۾ پي ايف يو جي، پي آر اي سميت سمورا ورڪنگ جرنلسٽس موجود آهن، هي بل هڪ پراسيس مان گذري آيو هو، ان بل جي خلاف پروپئگنڊه ڪري ورڪرز جا حق سلب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ورڪنگ جرنلسٽس پاران هي بل پيش ڪنديس. هن چيو ته جڏهن پي ايم ڊي اي ٺهي رهي هئي ان وقت ڀاشن ڏيڻ وارا ڪٿي هئا؟ اسان پي ايم ڊي اي جي ڪاري قانون جي خلاف ڌرڻا هڻي رهيا هئاسين، ان وقت اهي ڪٿي هئا؟ بل کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد چيو ته بل ٻيهر پيش ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ضروري آهي. سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مشاورت ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن کي ان تي اعتراض نه هجي. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته جنهن ڪيٽيگري ۾ پيمرا لائيسنس جاري ڪري ٿو، انهي ۾ نشريات جي اجازت هجڻ گهرجي، اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، جلدي ۾ بل منظور نه ڪيو وڃي. سينيٽر مشتاق احمد چيو ته ان ڳالهه تي سڀني جو اتفاق آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي رهتن ۽ پگهارن جي ادائيگي هڪ مهيني ۾ ٿيڻ گهرجي، اسان کي انهن جي ڏک ۽ درد جو احساس آهي، اسان ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهيون، نيون ترميمون ناڪافي آهن، پيمرا چيئرمين جي مقرري پارلياماني ڪميٽي ڪري ۽ هو پارليامينٽ کي جوابده هجي. سينيٽر همايون مهمند، سينيٽر مهر تاج روغاني پڻ بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جو مطالبو ڪيو. سينيٽر دنيش ڪمار، سينيٽر ڪامران مائيڪل ۽ سينيٽر عرفان صديقي بل کي فوري طور تي منظور ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيٽر ميان رضا رباني بل جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ تي سينيٽ چيئرمين کان رولنگ جو مطالبو ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته سمورين صحافتي تنظيمن جو مطالبو آهي ته بل منظور ڪيو وڃي، ان لاءِ بل جي منظوري جو عمل شروع ڪيو وڃي. ان دوران مخالف ڌر ميمبر بل جي منظوري جو عمل شروع ڪرڻ جي مخالفت ڪندي ايوان کان ٻاهر هليا ويا. چيئرمين جي هدايت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بل پيش ڪرڻ جي لاءِ رٿ پيش ڪئي جنهن جي منظوري کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ ترميمون پيش ڪيون جن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي ۽ بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں