اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عدليه مخالف مهم جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اهڙين سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف آئين ۽ قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪوڙ ڦهلائڻ ڪجهه ماڻهن جو ڪاروبار آهي، عوام اهڙين غلط ۽ ڪوڙين خبرن جي تصديق ضرور ڪري، اسان کي عدم برداشت ۽ ڪوڙ جي ڪلچر جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عدليه جا فيصلا عوام جي ملڪيت هوندا آهن، اعليٰ عدليه جي 13 جنوري جي متفقه فيصلي جي خلاف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهرئين ملڪ انتهائي ڪڌي ۽ غليظ مهم هلائي وئي جنهن جي اسان جي ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ اجازت نه آهي. هن چيو ته گهرو وزارت 16 جنوري تي هڪ نوٽيفڪيشن تحت جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙي جنهن ۾ ايف آءِ اي، پي ٽي اي سميت وفاقي جاچ ادارن جا نمائندا شامل آهن، اها ڪميٽي پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. نگران وفاقي وزير ان موقعي تي آئين جي آرٽيڪل 19 جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام جي عظمت يا پاڪستان يا ان جي ڪنهن به حصي جي سالميت، سلامتي يا دفاع، غيرملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا، امن، تهذيب يا اخلاق جي مفاد جي ڏس ۾ يا توهين عدالت، ڪنهن ڏوهه (جي ارتڪاب) يا ان جي ترغيب بابت قانون جي ذريعي لاڳو ڪيل مناسب پابندين جي تابع هر شهري کي تقرير ۽ خيالن جي اظهار جي آزادي جو حق هوندو ۽ پريس جي آزادي هوندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان کي عدم برداشت ۽ ڪوڙ جي ڪلچر جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي سميت مجاز ادارا عدليه مخالف مهم جهڙين سرگرمين جي خلاف پنهنجي ڪارروائي جاري رکيا آهي، جاچ به ٿي رهي آهي جڏهن ته ڪيترن ئي سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي مانيٽرنگ ڪئي وئي آهي جن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي ملڪ جي اندر ۽ ٻاهرئين ملڪ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي تنبيهه ڪئي وڃي ٿي ته اهي اهڙي طرح جي سرگرمين کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ انهن جي خلاف آئين ۽ قانون تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. نگران وفاقي وزير چيو ته 17 آگسٽ 2023ع تي حلف کڻڻ کانپوءِ وضاحت سان چيو آهي ته هي ملڪ آئين تحت هلي رهيو آهي، آئين تحت ئي نگران حڪومت قائم ٿي آهي ۽ 8 فيبروري تي چونڊن کانپوءِ نئين قانوني ۽ آئيني حڪومت وجود ۾ ايندي. هن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ ڪنهن به شخص جي خلاف قانون تحت ڪارروائي ٿيندي، قانون ان ۾ ڪنهن قسم جو متڀيد نه ٿو ڪري. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڪوڙ ڦهلائڻ ڪجهه ماڻهن جو ڪاروبار آهي، ڪجهه ماڻهو عوام کي غلط معلومات فراهم ڪن ٿا، اهڙين ڪوڙين خبرن جو پاڪستان جي عوام کي ڪو فائدو نه ٿو ٿئي، اسان کي ڪوڙ ۽ غلط معلومات کان خبردار رهڻو پوندو، جيئن جيئن چونڊون ويجهو اينديون عجيب قسم جُون خبرون سامهون اينديون وينديون، عوام اهڙين غلط ۽ ڪوڙين خبرن کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ تصديق ضرور ڪري. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته قانون جو لاڳو ڪنهن گروهه يا شخص کي هدف بڻائڻ جي لاءِ نه هجڻ گهرجي. گهرو وزارت بابت سوال جو جواب ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وزارت جو وزير ناهي هوندو ته ان جو قلمدان وزيراعظم وٽ هوندو آهي، گهرو وزارت بهتر طريقي سان پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير هڪ ٻئي سوال تي چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽين جي چونڊ آفيس تي حملي جو لاڳاپيل ادارا نوٽيس وٺندا، چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. انٽرنيٽ جي تازي بندش بابت سوال تي هن چيو ته اها فني خرابي هئي، اسان جي ملڪ جي اڪثر ڪاروبارن جو دارومدار انٽرنيٽ تي آهي، اسان جي لاءِ ملڪ جي معيشت وڌيڪ اهم آهي.